راول شهزادو

راول شهزادو (اونچل ڪوٽ جو شهزادو): مومل راڻي جي مشهور داستان ۾ روايت آهي ته همير سومري ۽ سندس ساٿين ڳوري ڍنڍ مان روجھه ماريو هو ۽ اتي ئي کيس اونچل ڪوٽ جو شهزادو راول مليو هو، جيڪو تمام ڏتڙيل حالت ۾ هو. راول شهزادي لاءِ چيو ويو آهي ته ڏاڍو سهڻو سيبتو نوجوان هو، پر ڪاڪ محل کان موٽڻ کانپوءِ هو بيحال ٿي ويو هو. هيءُ همير سومري سان منسوب علائقي هميراڻي جي اولهه ۾ ’گن‘ واري ايراضيءَ ۾ پنهنجي شهر اونچل ڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ مومل جي سونهن بابت ٻڌي مومل کي ماڻڻ نڪتو هو، هن جي زباني ڪاڪ محل جي سونهن وارين سوڍين بابت شاهه لطيف هي بيت چيو آهي ته:
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس.
اونچل ڪوٽ جي شهزادي راول تي مومل جي ڪاڪ محل جو طلسم ۽ سوڍين جي سونهن جو جيڪو اثر ٿيو، ان کيس لاهوتي لعل بڻائي ڇڏيو، جنهن جو بيان شاهه لطيف هيئن ڪيو آهي:
سج سڀاڻي جا ڪري ساميءَ سائي روءِ
اچي ٿي عطر جي منجھان مگٽ بوءِ
سا ڏيکاريائين جوءِ، جئان لاهوتي لعل ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو